سرل ريکائون

سرل ريکائون

سرل ريکائون

سرل ريکائون (ڪتاب): هي ڪتاب نارائڻ شيام جي ڀاءُ، ناٽڪ ڪار ۽ شاعر هيم ناگواڻيءَ جي نثري ڪوتائن ۽ ترائيلن، غزلن ۽ وائيءَ جو مجموعو آهي. هنن مان اڪثر ڪوتائون من اڇل/جذبي هيٺ، هيم ناگواڻيءَ 1978ع جي اپريل ۾ لکيون هيون ۽ ٻن سالن کان پوءِ ڊائريءَ جي ورقن وانگر ڪوتائن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آندو، ڪتاب هن پنهنجي گهر واري نندني ناگواڻي ۽ پنهنجي دوست جيون گرسهاڻي ۽ سندس ونيءَ ليلا کي ارپيو آهي، هيمراج ناگواڻيءَ، ڪتابي صورت ۾ آڻڻ کان ڪوتائين کي سڌاريو ۽ وڌايو ۽ ڪجهه پراڻيون ڪوتائون (غزل، ترائيل ۽ وائي) ’ميڙي چونڊيءَ‘ عنوان هيٺ به ان ۾ شامل ڪيون آهن. ڪتاب جو مهاڳ ڪرشن راهيءَ لکيو آهي، جنهن ۾ هن شاعر جي ڄاڻ سان گڏ سندس ڪوتائن ۽ ترائيلن تي تفصيلي روشني وڌي آهي. ڪتاب جي ٽائيٽل ڊزائين پرهلاد ڪرمواڻيءَ جي تيار ڪيل آهي.
ڪرائون سائيز جي 92 صفحن تي مشتل هي ڪتاب، ستيه پرڪاشن اجمير پاران 1986ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 25 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو